خانو رام، ڀڳت

خانو رام، ڀڳت

خانو رام ڀڳت

خانو رام، ڀڳت: ڀڳت خانو رام جو اصل نالو خانچند ڌرم سُکيجا آهي. سندس جنم پهرين مارچ 1916ع ڌاري اُلرا ضلعي سکر ۾ ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ ڀڳت خانو رام سنڌ ڇڏي وڃي الهاس نگر ۾ آباد ٿيو. ڀڳت خانو رام ننڍي ڄمار ۾ ئي ڀڳتي راڳ ڳائيندو هو. ورهاڱي کانپوءِ هن هندستان ۾ آباد ٿيل سنڌي آبادين ۾ ڀڄن ڳائڻ شروع ڪيا. جن ۾ لوڪ رنگ شامل هو، سندس آواز سريلو هو. کيس هندستان جي سنڌي آبادين ۾ ان لاءِ به پسند ڪيو ۽ ساراهيو ويو جو ڀڳت خانو رام کي ٻڌڻ سان روحانيت طاري ٿيندي هئي ۽ ٻڌندڙ رمز ۾ اچي جهومندا هئا. اڳتي هلي ڀڳت خانو رام پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو جنهن ڪري هو ڀڳتي راڳ کان وٿيرڪو ٿي ويو. هو ڪنهن خاص محفل يا سڏ تي ڀڳت ڳائيندو هو پر اُهي بنا پيسي ڏوڪڙن جي. ڀڳت خانو رام ريڊيو تان پڻ ڀڳتي راڳ ڳايو جنهنڪري سندس وڏا مداح پيدا ٿيا.
ڀڳت خانو رام جون اٽڪل ڏهه ڪيسٽون 1980ع کان 1990ع تائين رليز ٿيون. جيڪي ڀڳتي راڳ ۽ ڀڄنن تي مبني آهن. ڀڳت خانو رام ڪيترائي اعزاز ايوارڊ ۽ ميڊل حاصل ڪيا ۽ سنڌي محفلن ۾ وڏو داد ماڻيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.03.01  عيسوي

ڀڳت خانو رام جو اصل نالو خانچند ڌرم سُکيجا آهي. سندس جنم پهرين مارچ 1916ع ڌاري اُلرا ضلعي سکر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير رڪن الدين سخي
جميعل شاهه ڏاتار
اڪرم مڱڻهار
راٺوڙ شبنم ڊاڪٽر
آسودارام سَنت
عاشق حسين پاٽولي استاد
ارڏو اترادي
ارشاد علي جلالاڻي صوفي فقير
ايسر خدمتگذار
اربندو گهوش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون